اسلام آباد (ع آ نيوز) آءِ ايم ايف پاڪستان مان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ قائم ذميوار ايجنسيون نيب، ايف آءِ اي ۽ صوبائي اينٽي ڪرپشن ادارن جي خودمختاري ۽ انهي ۾ جامع اصلاحات جي سفارش ڪري ڇڏي. آءِ ايم ايف جي گورننس، ڪرپشن رپورٽ موجب نيب ۽ صوبائي بدعنواني جي بچاءَ وارن ادارن کي آزاد ۽ خودمختار ڪيو وڃي ۽ اعليٰ سطحي ڪرپشن جي جاچ کي موثر بنائڻ لاءِ نيب جي سربراهه جي مقرري جي عمل کي بهتر بنايو وڃي، نيب جي جاچ صلاحيتن کي وڌايو وڃي ۽ انهن ادارن جي اندر احتساب جي عمل کي يقيني بنايو وڃي. آءِ ايم ايف مطالبو ڪيو آهي ته ملڪ ۾ شفافيت ۽ احتساب کي يقيني بنائڻ جي لاءِ اعليٰ سرڪاري آفيسرن جي اثاثن، اختيارن ۽ وسيلن کي جمع ڪرڻ ڊيجيٽلائز ڪرڻ ۽ ظاهر ڪرڻ جي لاءِ ايف بي آر ، پارليامينٽ ۽ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن تي ٻڌل مرڪزي اٿارٽي قائم ڪئي وڃي. عالمي مالياتي فنڊ چيو آهي ته پاڪستان ۾ بدعنواني جي خاتمي لاءِ ڪم ڪندڙ ٽن ادارن نيب، ايف آءِ اي ۽ صوبائي اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ جي ادارن ۾ رسڪ بيسڊ اپروچ اختيار ڪيو وڃي. شڪي ٽرانزيڪشن جي نشاندهي، ڪرپشن تائين پهچ ۽ جاچ جي لاءِ نيب، آڊيٽر جنرل آف پاڪستان ۽ ايف بي آر جي وچ ۾ ڄاڻ جي ڏي وٺ ۽ رابطن کي وڌايو وڃي.