آءِ ايم ايف کي به ايس آءِ ايف سي جي شفافيت تي سوال آهن\وسند ٿري

ننگر پارڪر (پ ر) عوامي تحريڪ ضلعي ٿرپارڪر پاران رسول بخش پليجو فڪري اسڪول جي عنوان سان ڳوٺ آڌيگام، ننگرپارڪر ۾ هڪ روزه تعليمي ورڪشاپ منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تعليمي ڪلاس ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري مهمان خاص طور شرڪت ڪئي ۽ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ هن وقت گهڻ طرف خطري هيٺ آهي، سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن تي قبضا ٿي رهيا آهن. ايس آئي ايف سي جيڪو غيرقانوني ۽ غير آئيني ادارو آهي، ارڙيهين ترميم کي قتل ڪري پوءِ هي ادارو ٺاهيو ويو، ان اداري ۾ ڪرپشن جا ايترا ته گس کوليا ويا آهن جو آئي ايم ايف کي به ايس آئي ايف سي جي شفافيت تي سوال آهن، ايس آئي ايف سي مظلوم قومن جي زمينن ۽ وسيلن کي نيلام ڪرڻ لاءِ هڪ نيلام گهر آهي جنهن کي اڃا به طاقتور ڪرڻ جو انديشو آهي. وسند ٿري چيو ته 27هين ۽ 26هيئن آئيني ترميم پٺيان به آئي ايم ايف ۽ ٻين سامراجي قوتن جا مفاد شامل آهن. آئي ايم ايف کي خوش ڪرڻ لاءِ اين ايف سي ايوارڊ کي به ختم ڪرڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ کي اجگر شخصيتن جي نه پر منظم انقلابي تنظيم جي ضرورت آهي، سنڌ کي هن وقت مزاحمت ۽ جدوجهد جي ضرورت آهي، هن چيو ته ٿر جو ڪوئلو کنيو وڃي ٿو بدلي ۾ اسان کي بجلي به نٿي ملي، ڪمپنين ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار نٿو ملي. هن چيو ته  سياسي تعليم ۽ شعور جي واڌ ويجهه بنا ڪا به تحريڪ ڪامياب نٿي ٿي سگهي، تنهنڪري اسٽيڊي سرڪل، تعليمي ڪلاس وڌ کان وڌ ڪيا وڃن، نوجوان ڪتاب پڙهن، سوال ڪن ۽ تحقيقي ڪن. هن قسم جا تعليمي ڪلاس عوامي تحريڪ لاءِ ريڙهه جي هڏي جو ڪم ڪن ٿاان موقعي تي ڊاڪٽر دلدار لغاري، اوڀايو جوڻيجو، رحمان نھڙيو، ايڊووڪيٽ ديوتراءِ، ھريان ڪولھي، ريکان ڪولھي، پياسي ميگھواڙ، مگھنو ڪولھي، ڪرشن لال، ڪلتار ميگھواڙ، منسک ڪولھي، موھن لال، کئنراج ڪولھي، عالم پاتاڻي، چندر ڪولھي، ڀيرو ڪولھي، پارو ڪولھي ۽ ٻين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پڻ خطاب ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.