اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان غزا ۾ قابض اسرائيلي فوج جي تازن حملن جي سخت مذمت ڪئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت ڪيترن ئي فلسطينين جي شهادت ٿي آهي، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿيا آهن.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب اهڙا قدم عالمي قانون، گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ تازي طئي ٿيندڙ امن معاهدي جي کليل ڀڃڪڙي آهن، اهي حملا خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ جاري ڪوششن کي به نقصان پهچائي رهيا آهن.
پاڪستان حڪومت عالمي برادري تي زور ڏنو ته فوري طور قدم کڻندي اسرائيلي جارحيت ۽ مسلسل جنگبندي جي ڀڃڪڙين کي روڪي ۽ عالمي قانونن ۽ انساني حقن جو تحفظ يقيني بڻائي.
پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجو موقف ورجايو ته اسان 1976ع کان اڳ جي سرحدن موجب آزاد، خود مختيار فلسطيني رياست جي قيام جي حمايت ڪيون ٿا، جنهن جو تخت گاهه القدس شريف هجي.
واضح رهي ته غزا ۾ صيهوني فورسز مسلسل جنگبندي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي وحشياڻا حملا ڪري رهي آهي، تازن حملن ۾ 24 فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن.
You might also like