سولر ٽيوب ويل : سستي توانائي، پاڻيءَ ۽ سماجي برابري جو سوال

محمد احسان لغاري

پاڪستان جون  ٻھراڙيون ۽ زراعت ڄڻ لازم وملزوم آھن۔ زميندار ۽ ھاري وري ان پوري وھنوار ۾ ھن گولي تي آيل انيڪ صنعتي، ثقافتي   تبديلين جي باوجود اڄ  به ان تصوير جو مرڪزي حصو آھن۔ ان صنعتي نواڻ ۾ شمسي توانائي تي ھلندڙ ٽيوب ويل نئون اضافو آھي۔ ڪجهه سال اڳ تائين  ٽيوب ويل ڊيزل يا بجلي تي ھلائڻو پوندو ھو ۔ اڄ  به سرڪاري ٽيوب ويلن گھڻو ڪري بجلي تي آھن۔ بجلي جو نه ھجڻ، ڳرا بل، ٽرانسفارمرن ۽ تارن جي چوري، ان پوري نظام کي وڏو ڇيھو رسايو ھو ۔ خانگي ٽيوب ويل پڻ ڳرن خرچن جي ڪري ھلائڻ مشڪل ٿي پيا؛ ھاڻ گھربل توانائي جو ذريعو سج جي روشني يا سولر ھجڻ جي ڪري، هڪ تبديلي آئي آهي. سولر ٽيوب ويل، جن ۾ فوٽو وولٽڪ پينل ( سولر واريون پليٽون) سج جي روشني کي بجليءَ ۾ تبديل ڪن ٿا، پمپ کي بغير ڊيزل يا گرڊ واري بجليءَ جي هلائن ٿا. هڪ ڀيرو اھو سسٽم لڳائي ڇڏڻ کان پوءِ ان کي ھلائڻ لاءِ سواءِ ھلڪي سار سنڀار جي ٻين بلن کان استعمال  ڪندڙ آجا آھن ۔

” ٽيوب ويل“ معني زمين ۾ کوھ کوٽڻ جي جاءِ تي پائيپ کي ھيٺ جر تائين پھچائجي ۽ پوءِ ان پاڻي کي پمپ جي مدد سان مٿي آندو وڃي.

سولر پينلن جي قيمتون گذريل ڏهن سالن ۾ ايترو گهٽيون آهن جو هاڻي هڪ عام آبادگار لاءِ به هي سسٽم پهچ ۾ اچي ويو آھي. اڳي جتي ساڳئي سگھ يا پاڻي ڪڍڻ  وارو سسٽم لکين رپين ۾ ملندو هو، اھو ھاڻ مثال طور  3 هارس پاور وارو ننڍو سولر ٽيوب ويل لڳ ڀڳ ٽن چئن لکن ۾ لڳي وڃي ٿو، جڏهن ته وچولي سائيز جا 10 کان 20 هارس پاور وارو سسٽم ڏھن کان ٽيھن لکن تائين، ۽  پنجاهه هارس پاور سسٽم پنجاهه کان اسي لکن جي وچ ۾ خرچ کائين ٿا .

هارس پاور پمپ جي طاقت کي ظاهر ڪري ٿو، يعني اهو ته ڪيترو زور سان پاڻي مٿي کڻي سگهي ٿو. جيترو جر اونھو ھوندو، اوتري وڌيڪ توانائي ان پاڻي کي مٿي آڻڻ لاءِ گھربل ھوندي، يعني اوترو وڌيڪ هارس پاور کپي.  پاڻي جو گھربل مقدار ۽ جر جي اونھائي ٻه اھم عنصر آھن.

سولر پينلن جي قيمتن ۾ عالمي سطح تي وڏي گهٽتائي آئي آهي. چين ۽ ٻين ملڪن جي طرفان وڌيڪ رسد/ سپلاءِ ۽ ٽيڪنالاجي ۾ بهتري سبب في واٽ قيمت اڳ جي ڀيٽ ۾ اڌ کان به گهٽ ٿي چڪي آهي. ۔ مارڪيٽ ۾ بھتر معيار جا سولر پينل اٽڪل 28 کان 32 رپيا في واٽ تائين ملي رهيا آهن، جنهن جو سڌو اثر ٽيوب ويل سسٽم جي مجموعي لاڳت تي پوي ٿو.( واٽ (Watt) پينل جي توانائي جو يونٽ آهي، يعني هڪ سولر پليٽ هڪ ڪلاڪ ۾ ڪيترا واٽ بجلي ٺاهي سگهي ٿي، اوترو ئي ان جو زور چئبو آهي؛ اڄڪلهه عام پينل يا پليٽ 450 کان 550 واٽ جي هوندي آهي، 10 پينل لڳايا ته 5 کان 5.5 ڪلواٽ (kW) جو سولر پلانٽ ٿيندو آهي، ۽ ساديءَ ريت چئجي ته جيترا وڌيڪ واٽ، اوترو وڌيڪ بجلي ۽ گهٽ بل

صوبائي حڪومتن طرفان رعايتي اگھن تي/ سبسڊي اسڪيمون تحت آبادگارن لاءِ آسانيون ٿيون آھن۔ پنجاب ۾ زرعي پيداوار وڌائڻ لاءِ حڪومت   ٽيوب ويل کي سولر تي ڪرڻ تي ايندڙخرچ   جو وڏو حصو پاڻ ڀريندي آهي، اھو  اسي سيڪڙو تائين  ٿي سگھي ٿو، ان لاءِ ضروري آھي آبادگار جديد، پاڻي بچائيندڙ آبپاشي نظام جهڙوڪ ڊِرپ يا اسپرنڪلر اختيار ڪري. بلوچستان ۾ سرڪار بجلي وارا ٽيوب ويل بند ڪرائي انهين کي سولر تي منتقل ڪرڻ لاءِ نه فقط نوان سسٽم لڳائي رهي آهي، پر ڪيترن هنڌن تي موجوده ڪنيڪشن ختم ڪرڻ جي بدلي ۾ معاوضو به ڏئي رهي آهي. ڪي پي ڪي ۽ ٻين علائقن ۾ به مختلف پائلٽ پروگرام ۽ ڀائيواري تي  اسڪيمون هلن پيون. سنڌ ۾ عام ماڻھن تائين گھرو استعمال لاءِ سولر پينل ڏنا پيا وڃن؛ آبپاشي لاءِ مختلف اسڪيمن تحت مفت ۾ ٽيوب ويل پڻ ڏنا ويا آھن۔

سولر ٽيوب ويل جو روزانو هلائڻ جو بنيادي خرچ تقريبن نه ھئڻ جي برابر آھي. تحقيق ٻڌائي ٿي  ته صحيح سائيز ۽ مناسب ڊيزائن سان  ڪيل خرچ ٻن کان ٽن سالن ۾ پوري طرح وصول ٿيو وڃي. ان سان گڏوگڏ  وقتائتي  آبپاشي سبب فصلن جي پيداوار ۾ به سٺو اضافو ڏٺو ويو آهي، ڪٿي ڪٿي اهو واڌارو 10 کان 30 سيڪڙو تائين آهي. ان پوري نواڻ ۾ ھڪ اھم  ڳالهه کي بنھه وساري ويٺو آھي ۽ ان تي قانوني، ادارتي، سماجي ۽ بنيادي حقن وارن جر جي پھلوئن تي نه ھئڻ برابر ڪم ڪيو ويو آھي۔ پاڻي درياھن ۽ واھن جو ھجي يا جر، محدود آھي ۽ اڻکٽ ناھي. ٻيو جيئن درياھ ڳنڍيل آھن تيئن جر پڻ ڳنڍيل آھن. جڏهن پمپ هلائڻ جو خرچ گهٽجي وڃي، ته انسان فطري طور وڌيڪ آزادي سان  پاڻي استعمال ڪري ٿو.جيئن واپڊا واري کي منٿلي ڏيئي ڪي خوشنصيب ڏينھن رات پيا ايئرڪنڊيشن ھلائيندا آھن! هونئن  به چوڻي آھي مالِ مفت، دلِ بي رحم!   بجلي يا ڊيزل تي ھلندڙ ٽيوب ويل تي مالڪ جي مڪمل نگاھ ھوندي  ته ڪو ھروڀرو  ته نه پيو ھلي. پر سولر سسٽم سان اها نفسياتي ۽ مالي رڪاوٽ ختم ٿيو وڃي. ڪيترا آبادگار  اڳ گهٽ پاڻي گهرندڙ فصل پوکيندا هئا، پر سولر لڳائڻ کان پوءِ وڌيڪ پاڻي واپرائيندڙ فصلن جهڙوڪ چانور يا ڀاڄين ڏانهن لاڙو رکي رھيا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ مجموعي طور تي پمپنگ وڌي وئي آهي.

زيرزمين پاڻي جيڪو غريب پاڪستان لاءِ پيئڻ ۽ جيئڻ لاءِ اھم ۽ گھڻين حالتن ۾ واحد ذريعو آھي، سو ھاڻ نه صرف گھٽجي رھيو آھي بلڪہ معياري طور خراب ٿي رھيو آھي۔  مرڪزي ۽ ڏکڻ پنجاب، سنڌ ، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪ جي ڪيترن علائقن ۾ اڳ ئي جر دٻاءَ هيٺ آهي.

رپورٽن موجب ڪجهه سالن کان پاڻيءَ جي  زير زمين سطح هڪ خطرناڪ رفتار سان هيٺ ٿي رهي آهي. ڪيترن ڳوٺن ۾  صورتحال ايتري خراب ٿي چڪي آهي جو پراڻو کوهه يا بورنگ خشڪ ٿي ويا آهن ۽ ماڻهن کي وڌيڪ کوٽائي ڪرڻي پئي آهي، جنهن جو خرچ اڳ جي ڀيٽ ۾ 20 کان 50 سيڪڙو وڌيڪ اچي ٿو. انھن ڏتڙيل ۽ سماجي طور ڪمزور ماڻھن جي پيئڻ جي پاڻي يا ٻين لاڳاپيل حقن جو تحفظ رياست کي ڪرڻو آھي۔ انھن ماڻھن جي نه  پاليسين تائين رسائي آھي نه ادارن تائين۔ ڪنھن وڏي ماڻھو جي شايد پنھنجن يا سرڪاري ڊوزرن سان سڌي ڪيل نڪور زمين تي لڳل سولر ٽيوب ويلن جي نتيجي ۾ ھيٺاھين وارن جا نلڪا يا کوھ سڪي وڃن پيا ان جي شايد ڪنھن کي خبر ئي ناھي!

اهي سڀ عمل سماجي طبقاتي  ويڇي  کي اڃان  به وڌائي رهيا آهن. وڏو زميندار جيڪو آساني سان، يا ته پنهنجي سرمايي يا سبسڊي سان، وڏو سولر ٽيوب ويل لڳائي سگهي ٿو، اهو وڌيڪ پاڻي ڪڍي ٿو، وڌيڪ فصل پوکي ٿو، ۽ ڪيترن هنڌن تي پنهنجي اضافي پاڻي کي ٻين هارين کي وڪڻي ٿو. ظاهر ۾  ته هن جو اھو ڪردار “سروس ڏيندڙ” جو لڳي ٿو، پر حقيقت ۾ هو مقامي پاڻيءَ جي ذخيرن تي اختيار به حاصل ڪري ٿو. غريب هاري جنهن وٽ نه قرض وٺڻ جي سگهه آهي ۽ نه ئي سبسڊي لاءِ پيچيده ڪاغذن جو سفر ڪرڻ جي طاقت، اهو وڌيڪ ڪمزور ٿيندو وڃي.

عورتن ۽ سماجي طور اڳ ئي نظرانداز ٿيل طبقن لاءِ صورتحال وڌيڪ ڳنڀير  آهي. جڏهن پاڻي کوهه يا بورنگ مان گهٽجي ٿو، ته گهڻو ڪري عورتن کي وڌيڪ پنڌ ڪرڻو پوي ٿو، وڌيڪ وزن کڻڻو پوي ٿو ۽ صاف، محفوظ پيئڻ جي پاڻي ڳولڻ لاءِ وڌيڪ وقت ۽ محنت لڳن ٿا. جتي زيرزمين پاڻي/ جر  زرعي ۽ صنعتي زھريلي گدلاڻ   جو شڪار آهي، اتي بيماريون ۽ صحت جا مسئلا به وڌن ٿا، ۽ علاج تائين پهچ به ساڳي طبقي لاءِ مشڪل هوندي آهي.

قومي ۽ صوبائي  سطح تي پاڻيءَ بابت پاليسيون موجود آهن، پر زيرزمين پاڻي جي حقيقي انتظام لاءِ جامع قانون ۽ سخت، منصفاڻو نظام اڃا تائين ٺهيو ئي ناهي. نتيجي ۾ عملي سطح تي صورتحال ائين آهي جيئن هر شخص پنهنجي زمين تي کوهه کوٽي ۽ پاڻي ڪڍي، بغير ڪنهن مجموعي حساب ڪتاب جي ته علائقي جي جر ۾ ايندڙ ۽ نڪرندڙ پاڻي ۾ فرق ڪيترو آهي.

اها صورتحال اسان کي هڪ اهم سوال ڏانهن وٺي اچي ٿي ته ڇا اسان سولر کي فقط توانائيءَ جو حل سمجهي رهيا آهيون، يا پاڻيءَ جي مقداري ۽ معياري رخن، جر جي مالڪي ۽ اختيار بابت  به ڪجهه سوچي رھيا آھيون؟ جيڪڏهن توانائي جي وسيلن بابت سوچيندا سين  ته  بجلي ۽ ڊيزل جو مسئلو  ته گھٽبو  ويندو، آبادگار لاءِآسانيون ٿينديون پر پاڻيءَ جو بحران گهڻي  سخت شڪل اختيار ڪندو. اھڙو بحران وسيع علائقي ۾ سڪل صوفن ۽ ٻين باغن جي صورت ۾ ڪجهه ڏھاڪا اڳ بجلي جي سستن ۽ فليٽ ريٽ جي ڪري بلوچستان ۾ نظر آيو ھو ۔ ھي اھم وقت آھي ته سولر ٽيوب ويلن کي اهڙي پاليسي ۽ قانوني گھاڙيٽي ۾ رکڻو پوندو، جنهن ۾ ميٽرن ذريعي پمپنگ جي ماپ، هر علائقي جي هائيڊرولوجيڪل گنجائش مطابق حدون (  ته ڪيترو پاڻي ڪيتري وقت تائين ڪڍجي) ، سبسڊي کي صرف انهن سان ڳنڍڻ جو فيصلو شامل هجي جيڪي پاڻي بچائيندڙ نظام اختيار ڪن، ۽ گڏوگڏ زمين ۾ پاڻي جذب ڪرڻ لاءِ ريچارج / جر ڀريندڙ اڏاوتن ۾ سيڙپڪاري به شامل هجي.

سولر ٽيوب ويلن جو استعمال هڪ حقيقت آهي جنهن کي روڪڻ نه ئي ممڪن آهي ۽ نه ئي شايد مناسب. پر انهن کي ضابطن، عدل ۽ گڏيل مفاد جي سوچ سان سلھاڙي رکڻ لازمي آهي. جيڪڏهن پاڻيءَ کي سڀن جي گڏيل امانت ۽ عام ڀلائي سمجهي منصفاڻيون پاليسيون ٺاهيون ويون، ته سولر نه فقط سستي توانائي جو حل رهندو، پر پاڻيءَ جي مستقبل کي به محفوظ ڪري سگهندو. جيڪڏهن ايئن نه ٿيو، ته خطرو آهي ته ڪجهه سال پوءِ  ڪٿي ساوڪ ۽ ساواڻ وارا پٽ   ته ڪٿي ماڻهن جون اکيون ۽ کوهه وڌيڪ خشڪ  ۽ لوڻياٺا نظر ايندا

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.