ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 ۾ پاڪ – ڀارت مقابلي جي امڪاني تاريخ سامهون اچي وئي.
رپورٽن موجب ايشيا ڪپ 2025 ۾ ٿيندڙ تڪرارن باوجود ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 ۾ روايتي مخالف پاڪتسان ۽ ڀارت کي هڪ ئي گروپ ۾ رکيو ويو آهي ۽ امڪاني طور ٻئي ٽيمون 15 فيبروري تي ڪولمبو ۾ آمهون سامهون ٿينديون.
ميڊيا رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 ۾ 20 ٽيمن کي چئن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي.
گروپ ون ۾ پاڪستان، ڀارت، آمريڪا، نميبيا ۽ نيدرلينڊز، گروپ ٽو ۾ بنگلاديش، اٽلي، انگلينڊ، نيپال، ويسٽ انڊيز، گروپ ٿري ۾ آسٽريليا، آئرلينڊ، عمان، سريلنڪا، زمبابوي، گروپ فور ۾ افغانستان، ڪينيڊا، نيوزيلينڊ، ڏکڻ آفريقا ۽ يو اي اي شامل آهن.
رپورٽن موجب هر گروپ مان ٻه ٽاپ ٽيمون سپر ايٽ مرحلي ۾ پهچ حاصل ڪنديون، جنهن مان ٽاپ فور ٽيمون سيمي فائنل کيڏنديون ۽ پوءِ ٻن ٽاپ ٽيمن ۾ فائنل ٿيندو.
واضح رهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 ڀارت ۽ سريلنڪا ۾ گڏيل طور کيڏيو ويندو، جنهن جي شيڊيول جو باضابطا اعلان آءِ سي سي طرفان ڪجهه ڏينهن ۾ ڪيو ويندو.
You might also like