اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت سون جي درآمد ۽ برآمد تي لاڳو پابندي ختم ڪري ڇڏي.
وفاقي ڪابينا جي منظوري کانپوءِ واپار واري وزارت سون جي درآمد ۽ برآمد تي لاڳو پابندي ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
نوٽيفڪيشن موجب سون جي عالمي واپار بابت معطل ٿيل ايس آر او بحال ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته وفاقي حڪومت قيمتي ڌاتن ۽ زيورن جي درآمد ۽ برآمد بابت ڪجهه ترميمون به ڪيون آهن، جڏهن ته قيمتي ڌاتن ۽ زيورن جي درآمد ۽ برآمد جو فريم ورڪ برقرار رهندو.
واضح رهي ته هن سال مئي ۾ سون جي ايڪسپورٽ ۽ امپورٽ تي پابندي هنئي وئي هئي، واپاري واري وزارت 6 مئي 2025 ۾ سون جو واپار منظم ڪندڙ ايس آر او 60 ڏينهن لاءِ معطل ڪيو هو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سون جي سمگلنگ جي شڪايت تي پابندي لڳائي وئي هئي.
You might also like