ڪراچي/ اسلام آباد ( رپورٽر/بيورو) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان ايشيائي ترقياتي بينڪ جي وفد ڪنٽري ڊائريڪٽر ايما فين جي سربراھي ۾ ملاقات ڪئي. ايشيائي ترقياتي بينڪ جي وفد ۾ ڪنٽري ڊائريڪٽر اسد عليم، پروجيڪٽ آفيسر حامد خان، خيام عباسي ۽ سيد عدنان شامل ھئا. ملاقات جي موقعي تي ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ کاتي جو سيڪريٽري اسد ضامن ۽ ٽرانس ڪراچي جو سي اي او فواد غفار سومرو بھ موجود ھُئا. ان موقعي تي ڳالھائيندي سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ڪراچي ۾ جاري ٽرانسپورٽ رٿائن، خاص طور تي ريڊ لائن بي آر ٽي کي سرڪاري سطح تي مثالي رٿا بڻائڻ لاءِ سنڌ سرڪار پوري ڪوشش ڪري رھي آھي، شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ڪراچي ھڪ وڏو ۽ منجهيل ميٽروپوليٽن شھر آھي، جتي مختلف ادارن جون زير زمين ۽ زميني يوٽيلٽيز موجود آھن، ريڊ لائن بي آر ٽي ۾ يوٽيلٽيز جي منتقلي ھڪ وڏو چيلنج ھو، ڪيترائي ٽيڪنيڪي مسئلا حل ڪيا ويا آھن . ايشيائي ترقياتي بينڪ جي وفد منصوبي جي رفتار ۽ انتظامي ڪوششن تي اطمينان جو اظھار ڪيو ۽ چيو تھ ريڊ لائن بي آر ٽي کي ھڪ بھترين ۽ ايوارڊ حاصل ڪندڙ رٿا طور ڏسڻ چاھيون ٿا. هوڏانهن وزيرِ اعظم محمد شهباز شريف سان سنڌ جي سينئر ، اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪراچي ۾ ترقياتي ڪمن ۽ سياسي صورتحال تي غور ڪيو ويو.