سنڌ ۾ في ڪلو کنڊ 200 رپين تي پهچي وئي، مهانگائي شرح 3.53 سيڪڙو رڪارڊ

اسلام آباد/ڪراچي (نمائندن وٽان) ڪراچي سميت سنڌ جي وڏن شهرن ۾ کنڊ جي قيمت 200 رپيا في ڪلو تائين پهچي وئي آهي. ڳڻپ کاتي جي انگن اکرن موجب، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو ۽ پشاور ۾ کنڊ جي قيمت 200 رپيا في ڪلو تائين پهچي وئي آهي. سکر ۾، هڪ هفتي ۾ کنڊ جي قيمت ۾ 24 رپيا واڌ ٿي، جڏهن ته حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻو ۾ 15 رپيا في ڪلو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. ڪراچي ۾، هڪ هفتي ۾ 5 رپيا واڌ ٿي. خضدار  ۾، کنڊ جي قيمت 210 رپين تائين پهچي وئي. رپورٽ موجب، ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ کنڊ ڪوئيٽا ۾ 214 رپيا، اسلام آباد ۾ 195 رپيا ۽ پنجاب ۾ 190 رپيا في ڪلو آهي. گذريل هفتي ۾، ملڪ ۾ کنڊ جي سراسري قيمت 4.14 رپيا وڌي 189.61 رپيا ٿي وئي آهي، جيڪا هڪ سال اڳ 131.88 رپيا هئي.  ملڪ ۾ هفتيوار مهانگائي ۾ 0.07 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن سان مجموعي سالياني مهانگائي جي شرح 3.53 سيڪڙو ٿي وئي. ڳڻپ کاتي موجب، 16 ضروري شين جي قيمتن ۾ واڌ ٿي، جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ واڌ ٽماٽن ۾ 57.03 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. ٿوم ۽ کنڊ جي قيمتن ۾ ترتيب وار 2.6 ۽ 2.23 سيڪڙو واڌ ٿي، جڏهن ته ڪيلا ۽ چانهه پڻ مهانگيون ٿي ويون. گوشت، کاڄري تيل، ايل پي جي ۽ ڪاٺ جي قيمتن ۾ به واڌ ٿي. ٻئي طرف، 13 شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي آئي ۽ 22 شين جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. بصر 12.38 سيڪڙو ۽ ڪڪڙيون 8.08 سيڪڙو سستيون ٿيون، جڏهن ته پٽاٽا، اٽو، انڊا ۽ دال جون قيمتون به گهٽجي ويون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.