ڀارت سان جنگ جو خطرو ٽريو ناهي: خواجا آصف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته ڀارت سان هاڻ به جنگ جو خطرو آهي.
نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته پراڪسي وار ڪڏهن ختم ناهي ٿيو، ڏهاڪن کان هلي رهيو آهي، پراڪسي وار ماڊرن وار فيئر جو هڪ ٽول آهي.
هن چيو ته پراڪسي وار ۾ هاڻ شدت آئي آهي، پراڪسي وار 80 جي ڏهاڪي ۾ شروع ٿيو، لاهور ۽ راولپنڊي ۾ ڌماڪا ٿيا.
سندس چوڻ هو ته ڀارت سان هڪ ٻي جنگ جو خطرو هو، مئي جي جنگ کانپوءِ امڪان هو، ڀارت سان هاڻ به جنگ جو خطرو آهي، اهو خطرو ٽريو ناهي.
خواجا آصف چيو ته ڀارت خلاف اسان جي فتح جي سرٽيفڪيشن آمريڪا ڏئي رهيو آهي، آمريڪي صدر مداخلت ڪري جنگيون بند ڪرايون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.