ڪراچي(ارباب چانڊيو)ڇا بي نامي جائيداد جي جاچ جو باب بند ٿي ويو؟ ڪراچي ۾ وفاقي ٽربيونل اومني گروپ جي ڊائريڪٽرن خلاف اربين رپين جي بي نامي جائيداد جو ڪيس ختم ڪري ڇڏيو،وفاقي اپيليٽ ٽربيونل ڪراچي بئنچ اومني گروپ جي ڊائريڪٽرن محمد يونس قدوائي،اسلم مسعود،عبدالغني مجيد ۽ خواجا سلمان يونس خلاف ڪيس ختم ڪري ڇڏيو ،ٽربيونل فيصلي ۾ چيو ته بي نامي ٽرانزيڪشن ايڪٽ 2017ع ان قانون کان بڻجڻ کان پهرين ٿيندڙ هن ڏيتي ليتي تي لاڳو نٿو ٿي سگهي،بي نامي اٿارٽي پاران جن جائيدادن ۽ شيئرز کي بي نامي قرار ڏنو ويو هو اهي ضبطگي جي قابل نه هئا،ڇو ته اهي ٽرانزيڪشن 2017ع کان پهرين ٿيون هيون، ٻه رڪني بئنچ اهو به چيو ته پراڻي ڏينهن ۾ ٿيل ڏيتي ليتي تي اهو قانون لاڳو ڪرڻ انصاف جون گهرجون پوريون نٿو ڪري،انهن اثاثن ۾ ڪراچي ۾ ڪمرشل پلاٽ،ٺٽو سيمينٽ ڪمپني لميٽڊ ۾ ڪروڙين رپين جي شيئرهولڊنگز،سول لائنز ڪوارٽرز ۾ 3 هزار گز جو پلاٽ،صدر ۾ پرنسٽن بلڊرز اينڊ ڊولپرز لميٽڊ جي نالي ڊاڪٽر پلازه جو پلاٽ،ڪمرشل پلاٽ نمبر 216 ڊاڪٽر دائود پوٽه روڊ ڪراچي(ميسرز مارشل هومز بلڊرز اينڊ ڊولپرز پرائيويٽ لميٽڊ شامل آهن فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته انهن کي ضبط نٿو ڪري سگهجي،بي نامي اٿارٽي جي آفيسرن ان ڪيس ۾ انصاف جون گهرجون پوريون نه ڪيون،ڪارروائي ۾ بنيادي قانوني خاميون هيون،هي عدالت ۾ قائم نٿيون ٿي سگهن،