نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ناليواري اداڪارا رشميڪا مندانا چيو آهي ته وجي ديوراڪونڊا منهنجي ان تڪليف جو ازالو ڪيو، جيڪا ڪنهن ٻئي ڏني هئي.
پنهنجي فلم ”دي گرل فرينڊ“ جي مشهوري مهم دوران رشميڪا مندانا چيو ته مان ماضي ۾ هڪ رشتي ۾ رهي چڪي آهيان، جتي بي اختيار هيس، هر شخص کي اهو اختيار هجڻ گهرجي ته هو ڪنهن سان رهڻ چاهي، مان غلطي ڪري چڪي آهيان، اهڙي رشتي ۾ هيس جتي منهنجي ڪا مرضي نه هئي.
هن چيو ته اڄ مان وجي سان گڏ آهيان، جنهن منهنجي تڪليف جو ازالو ڪيو، هو مون کي جذباتي سهارو ڏيندو آهي، وڌيڪ سوچڻ کان روڪيندو آهي ۽ گڏوگڏ ٽرولنگ جي دٻاءَ مان به ڪڍندو آهي.
واضح رهي ته رشميڪا ۽ وجي جي مڱڻي جي تصديق ٿي چڪي آهي ۽ ايندڙ سال فيبروري ۾ ٻئي شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويندا.
ڀارتي ميڊيا موجب رشميڪا ان کان اڳ ڪنڙ اداڪار رڪشت شيٽي سان مڱڻو ڪيو هو، جيڪو هن 2018 ۾ ٽوڙي ڇڏيو هو.
You might also like