ڀارت پاڪستان سان ٻيهر جنگ ڪرڻ وارو هو: ڊونلڊ ٽرمپ جي دعويٰ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته ڀارت پاڪستان سان ٻيهر جنگ ڪرڻ وارو هو پر هاڻ ٻئي ملڪ سٺا قدم کڻي رهيا آهن.
واشنگٽن ۾ سعودي ولي عهد سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ڀارت جو پاڪستان سان ٻيهر جنگ ڪرڻ جو ارادو هو، جنهن کي وقت تي مداخلت ڪري روڪي ڇڏيو.
هن چيو ته مان نه رڳو پاڪ – ڀارت جنگ روڪرائي پر اها جنگ به روڪرائي، جيڪا ٻيهر ٿيڻ واري هئي، مون کي 8 جنگيون روڪرائڻ تي فخر آهي.
سندس چوڻ هو ته مان هڪ ٻي جنگ به روڪرائي وڃان ها پر روسي صدر جنگ روڪڻ ۾ وڌيڪ وقت وٺي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.