پي ٽي آءِ چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي پٽ کي وڏي عهدي سان نوازي ڇڏيو

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور جي ٽن وڏن ميڊيڪل ادارن خيبر ميڊيڪل ٽيچنگ اسپتال، خيبر ميڊيڪل ڪاليج ۽ خيبر ڪاليج آف ڊينٽسٽر چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي جي پٽ بيرسٽر ابراهيم خان آفريدي کي پنهنجو قانوني صلاحڪار مقرر ڪري ڇڏيو، بورڊ آف گورنر ان حوالي سان باضابطا پڌرائي جاري ڪري ڇڏي.
پڌرائيءَ موجب بيرسٽر ابراهيم خان آفريدي جي مقرري هڪ سال لاءِ ڪئي وئي آهي، جنهن دوران هو ادارن کي هر قسم جي قانوني معاملن ۾ رهنمائي فراهم ڪندو.
هو سڀني عدالتن ۾ ڪيسن جي پيروي، قانوني دستاويزن جي تياري ۽ ادارن کي گهربل هر قسم جي قانوني راءِ ڏيڻ جو ذميوار هوندو.
وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته ليگل ايڊوائزري جي خدمتن عيوض بيرسٽر ابراهيم خان آفريدي کي ماهوار هڪ لک 20 هزار رپيا ادا ڪيا ويندا.
اختيارين موجب سندس مقرري جو مقصد ايم ٽي آئيز ۾ قانوني معاملن کي بهتر انداز ۾ ڏسڻ ۽ مسئلن کي وقت سر اڪلائڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.