سنڌ ۾ ڊينگي جا 695 نوان ڪيس

ڪراچي(رپورٽر)  ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ جي رپورٽ موجب، گذريل 24 ڪلاڪن دوران سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ 81 نوان ڊينگي مريض داخل ڪيا ويا، جڏهن ته خانگي اسپتالن ۾ 59 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. اهڙي طرح، صوبي ۾ داخل ٿيندڙ ڊينگي جي مريضن جو ڪل تعداد 128 تائين پهچي ويو آهي. وڌيڪ چيو ويو آهي ته سرڪاري اسپتالن ۾ علاج هيٺ 95 مريض صحتياب ٿي گهر هليا ويا، جڏهن ته خانگي اسپتالن ۾ 68 مريضن کي صحتياب قرار ڏنو ويو. صوبي ۾ ڊينگي سبب ڪا به موت رپورٽ نه ٿي. ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ سنڌ موجب، گذريل 24 ڪلاڪن دوران صوبي جي سرڪاري ۽ خانگي ليبارٽرين ۾ ڪل 5 هزار 893 ماڻهن جي ڊينگي جي ٽيسٽ ڪئي وئي، جن مان 695 مثبت آيا .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.