سون جي اگهه ۾ وڏي لاٿ ٿي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سون جي اگهه ۾ اڄ 7 هزار رپين جي وڏي لاٿ ٿي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 7 هزار رپيا لاٿ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت 4 لک 23 هزار 662 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 6002 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 63 هزار 221 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 70 ڊالر گهٽجڻ سان 4013 ڊالر في اونس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.