انٽرنيٽ تي سيڪيورٽي خدمتون فراهم ڪندڙ ڪمپني ڪلائوڊ فليئر جي سروسز ۾ فني خرابي پيدا ٿي وئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب ڪلائوڊ فليئر ۾ فني مسئلن سبب انٽرنيٽ جون سروسز متاثر ٿيون آهن، جڏهن ته سوشل ميڊيا ايپس تي به ان جو اثر پيو آهي.
ڪلائوڊ فليئر هڪ بيان ۾ چيو آهي ته هو مسئلي جي نوعيت ڄاڻڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن ۽ ان بابت جلد اپڊيٽ فراهم ڪئي ويندي.
انٽرنيٽ جي رفتار کي مانيٽر ڪندڙ ويب سائيٽ به انهيءَ فني خرابي جو شڪار ٿي آهي، جڏهن واهپيدار انٽرنيٽ برائوزنگ ڪن ٿا ته ”انٽرنيشنل سرور اِرر آن ڪلائوڊ فليئر نيٽورڪ“ جو پيغام ظاهر ٿي رهيو آهي.
فني خرابين جي ڪري جيڪي ويب سائيٽون متاثر ٿيون آهن، تن ۾ اوپن اي آءِ، چيٽ جي پي ٽي ۽ جيميني پڻ شامل آهن.
Prev Post
You might also like