ممبئي (ويب ڊيسڪ) جڳ مشهور ڀارتي اداڪارا پريانڪا چوپڙا 6 سالن بعد ڀارتي فلم انڊسٽري ڏانهن موٽي آئي آهي.
ايس ايس راجامولي پنهنجي ايندڙ فلم ۾ اداڪارا پريانڪا چوپڙا جي پهرين جھلڪ پيش ڪئي، جنهن کي ڏسي مداح خوش ٿي ويا آهن.
ڀارتي ميڊيا موجب فلم جي پوسٽر ۾ اداڪارا هڪ چمڪندڙ ڦڪي رنگ جي ساڙهي پاتي آهي ۽ هٿ ۾ پسٽل سان نشانو لڳائيندي نظر اچي رهي آهي.
پريانڪا چوپڙا ان نئين فلم ۾ مهيش بابو سان گڏ ”منداڪني“ جو ڪردار ادا ڪندي، امڪاني طور فلم جو نالو ”گلوب ٽراٽر“ رکيو ويندو.
ايس ايس راجامولي پوسٽر کي سوشل ميڊيا تي شيئر ڪندي ڪيپشن ۾ پريانڪا چوپڙا کي مخاطب ڪندي لکيو ته ”اها عورت جنهن عالمي سطح تي ڀارتي سينما کي نئين انداز سان پيش ڪيو، ديسي گرل کي ڀليڪار، مون کي بي صبري سان انتظار آهي ته دنيا توهان جي روپ ۾ منداڪني جا بيشمار رنگ ڏسي“.
اداڪارا پاڻ به فلم جو پوسٽر سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيو ۽ ڪيپشن ۾ لکيو ”منداڪني سان ملو، جيتوڻيڪ هوءَ ظاهري طور تي جيتري گهري شخصيت جي مالڪ لڳي ٿي، حقيقت ۾ هن جي شخصيت ۾ ان کان به وڌيڪ راز لڪل آهن“.
Next Post
You might also like