سنڌ ۾ آئيني بئنچن جي قيام بابت آرڊيننس لاڳو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت آئيني بئنچز هاءِ ڪورٽ آف سنڌ (پريڪٽس اينڊ پروسيجر) آرڊيننس 2025ع جاري ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو گورنر جي منظوري کان پوءِ فوري طور لاڳو ٿي ويو آهي. نون ضابطن تحت سڀ آئيني درخواستون، رٽ ڪيس، پٽيشنون ۽ لاڳاپيل معاملا هاڻ مخصوص آئيني بئنچون ٻڌنديون. آرڊيننس موجب: آئيني بئنچز آرٽيڪل 202-اي تحت قائم ڪيون ويون آهن ۽ مڪمل اختيار رکنديون. ججن جي نامزدگي جڊيشنل ڪميشن ڪندي.  بئنچ جو مدو گهٽ ۾ گهٽ 6 مهينا هوندو. سربراهه جي غير موجودگي ۾ سينئر ترين جج سربراهه بڻجندو. ريفرنس يا رڪوزل جي صورت ۾ معاملو سپريم جڊيشنل ڪائونسل ڏانهن موڪليو ويندو. آئيني بئنچز جو الڳ رجسٽرار ۽ سيڪريٽريٽ هوندي. ڪيسن کي فِسٽ ان، فِسٽ آئوٽ تحت ٻڌڻي لاءِ رکيو ويندو، هنگامي نوعيت وارا ڪيس فوري فهرست ۾ شامل ٿيندا. هاءِ ڪورٽ کي آرڊيننس تحت قاعدا ٺاهڻ جو اختيار حاصل هوندو. آرڊيننس ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته ڪنهن به قانون يا عدالتي فيصلي سان ٽڪر جي صورت ۾ هي قانون فوقيت رکندو، ۽ اهو سڄي سنڌ ۾ فوري طور لاڳو ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.