سموگ خطري جي گهنٽي وڄائي شهري، اختيارين پاران هدايتون جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صحت جي قومي اداري سموگ کان بچاءَ لاءِ هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.
صحت بابت قومي اداري جو چوڻ آهي ته سموگ سان ساهه جو بيماريون پکڙجڻ جو خدشو آهي، هوا ۾ زهريلا مادا ۽ ٿڌ گڏجي نمونيا پکيڙڻ جو سبب بڻجي سگهن ٿا.
ايڊوائزري ۾ چيو ويو آهي ته هوائي گدلاڻ سان ٻارن، پيرسن ماڻهن ۽ مريضن کي وڌيڪ خطرو آهي، لاهور، ملتان، گوجرانوالا، راولپنڊي ۽ اسلام آباد جا شهري وڌيڪ متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي.
ايڊوائزري موجب لاهور ۾ هوائي گدلاڻ وڌيڪ آهي، شهرين کي احتياط ڪرڻ جي ضرورت آهي.
صحت جي قومي اداري چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ هيلٿ اٿارٽيز ۽ ماهر سموگ جي حوالي سان ضروري قدم کڻن، سموگ ۾ ٻار گهڻي دير گهر کان ٻاهر نه رهن، متاثر علائقن ۾ ماسڪ جو استعمال ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.