ڪراچي: ڪار جو اسڪوٽي کي ٽڪر، هڪ عورت فوت، ٻي زخمي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي سپر هاءِ وي دنبا ڳوٺ ڀرسان گاڏي جي ٽڪر ۾ اسڪوٽي هلائيندڙ عورت فوت ٿي وئي.
سپر هاءِ وي دنبا ڳوٺ ڀرسان ڪار اسڪوٽي کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ اسڪوٽي تي سوار ٻه عورتون پل تان هيٺ ڪِري پيون.
حادثي ۾ 20 ورهين جي سميرا فوت ٿي وئي، جڏهن ته 37 ورهين جي رابعا اسپتال داخل آهي، ٻئي عورتون ماسترياڻيون آهن.
پوليس موجب ڪار جي ڊرائيور ڪاشف عزيز کي گرفتار ڪري ٿاڻي منتقل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.