ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ڪراچي ۾ نئين شاليمار ايڪسپريس، ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن جي اپ گريڊيشن، جديد مسافر خانن ۽ لانچز جو افتتاح ڪري ڇڏيو.
ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڪينٽ اسٽيشن کي بهترين نموني ٺاهيو ويو آهي ۽ شاليمار ايڪسپريس کي نئون بڻايو ويو آهي.
هن چيو ته مسافرن جو انتظار گاهه، ڊائننگ روم، پاڻمرادو ٽڪيٽ سسٽم شاندار آهي، ڪينٽ اسٽيشن تي شاندار طريقي سان ڪم ڪيو ويو آهي.
سندس چوڻ هو ته آئوٽ سورس ذريعي شاليمار ايڪسپريس جو بهترين ڪم ڪيو ويو، شاليمار ايڪسپريس جي فرسٽ ڪلاس ۽ اڪانامي ڪلاس ڏسڻ جوڳي آهي، ان ٽرين کي مڪمل طور تي نئون بڻايو ويو آهي.
وزيراعظم چيو ته ڪراچي روشنين جو شهر آهي، ريلوي اسٽيشن جي صفائي سٿرائي ڪراچي ويسٽ مينيجمينٽ جي ذميواري آهي.
وزيراعظم ڪراچي ۾ شاليمار ايڪسپريس، ڪينٽ اسٽيشن جي اپ گريڊيشن جو افتتاح ڪري ڇڏيو
You might also like