حسينا واجد کي موت جي سزا دنيا لاءِ عبرتناڪ سبق آهي: جماعت اسلامي

لاهور (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينا واجد کي ملندڙ موت جي سزا تي جماعت اسلامي جو ردعمل اچي ويو.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پيغام ۾ جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو ته بنگلاديش ۾ اڄ جيڪو واقعو پيش آيو، اهو دنيا لاءِ عبرت جو درس آهي، شيخ حسينا واجد اقتدار جي 15 ورهين ۾ ڪوڙن ڪيسن جي سياست کي هٿي ڏني.
هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم بنگلاديش جي عدالتي فيصلن کي انتقام جو هٿيار بڻايو، ڀارت جي سرپرستي، قومي مفادن جو سودو ڪرڻ باوجود هوءَ نئين نسل کي گمراهه ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي.
سندس چوڻ هو ته اهو منظرنامو سڀني ظالم حڪمرانن لاءِ واضح تنبيهه آهي، اسان اڄ انهن سڀني مظلومن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيون ٿا، جن ظلم برداشت ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.