راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان، سريلنڪا ۽ زمبابوي جي ٽيمن وچ ۾ ٽي ملڪي ٽي ٽوئنٽي سيريز سڀاڻي کان راولپنڊي ۾ شروع ٿي رهي آهي.
ٽي ملڪي سيريز جي پهرين ميچ ۾ سڀاڻي پاڪستان ۽ زمبابوي جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون، ميچ پاڪستاني وقت موجب شام 6 وڳي شروع ٿيندي.
سيريز ۾ ٽئي ٽيمون 4-4 ميچون کيڏنديون، جنهن کانپوءِ فائنل 25 نومبر تي ٿيندو.
واضح رهي ته ان کان اڳ پاڪستان ٽيم سريلنڪا کي 3 ميچن جي ون ڊي سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري چڪي آهي.
You might also like