راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان سلمان علي آغا چيو آهي ته ٽيم جي حڪمت عملي ۾ ڪا تبديلي نه پيا آڻيون، جيڪا حڪمت عملي هلندي پئي اچي، ان سان ئي اڳتي وڌنداسين.
پاڪستان، سريلنڪا ۽ زمبابوي وچ ۾ ٽي ملڪي ٽي ٽوئنٽي سيريز جي شروعات سڀاڻي کان ٿي رهي آهي، سيريز جي پهرين ميچ سڀاڻي پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ راولپنڊي ۾ کيڏي ويندي.
سيريز کان اڳ پريس ڪانفرنس ڪندي قومي ٽيم جي ڪپتان سلمان علي آغا چيو ته اسڪواڊ ۾ نوان ڇوڪرا موجود آهن، ڪوشش هوندي ته سڀني کي موقعو فراهم ڪيون.
هن چيو ته ون ڊي سيريز ۾ ڪارڪردگي سٺي رهي، اهو ئي تسلسل جاري رکڻ جي ڪوشش ڪنداسين، ڪوشش هوندي آهي ته صائم ۽ مان ٻئي بالنگ ڪيون، اسان وٽ سٺا آل رائونڊر موجود آهن، انهن مان فائدو وٺنداسين.
You might also like