اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته وڌيڪ آبادي غربت ۽ ٻين مسئلن جو سبب بڻجندي آهي، تنهن ڪري ترقي جي رفتار وڌائڻ لاءِ آبادي جو ڪنٽرول انٽر آهي.
پاپوليشن ڪائونسل جي تقريب کي خطاب ڪندي محمد اورنگزيب چيو ته اسان کي آبادي جي حساب سان وسيلن جو انتظام ڪرڻو هوندو آهي، وڌندڙ آبادي مسئلن کي جنم ڏيندي آهي.
هن چيو ته پاڪستاني معيشت سڌي رستي تي هلي رهي آهي، آبادي ۽ معيشت هڪٻئي سان جڙيل چيلينج آهن، پائيدار معاشي ترقي لاءِ متوازن آبادي اڻٽر آهي.
سندس چوڻ هو ته موسمياتي تبديلي به اڄوڪي دور جو وڏو چيلينج آهي، حڪومت جو ڌيان ماحول دوست معيشت تي آهي.
وفاقي وزير چيو ته ڪچيون آباديون به مسئلن جو سبب بڻجنديون آهن، ڪچين آبادي جي ڪا ڊيٽا حڪومت وٽ موجود ناهي هوندي.
You might also like