هڪ پروگرام جو معاوضو 25 لک رپين تائين وٺندي آهيان: صنم ماروي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري لوڪ گلوڪارا صنم ماروي انڪشاف ڪيو آهي ته مان عام طور تي شادي سميت اهڙي ئي قسم جي ٻين تقريبن جو معاوضو 25 لک رپين تائين وصول ڪندي آهيان.
صوفياڻي ڪلام ۽ لوڪ گلوڪاري سبب مشهور صنم ماروي تازو هڪ نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ شريڪ ٿي، جنهن دوران هن پنهنجي ڪيريئر جي لاهن چاڙهن سميت زندگي جي مختلف موضوعن تي ڳالهايو.
صنم ماروي چيو ته مان ان فيلڊ جي چونڊ مجبوري ۾ ڪئي، ڀينرن ۽ ڀائرن جي سار سنڀال لاءِ ننڍي عمر ۾ ئي ڪم شروع ڪري ڇڏيو هو.
هن چيو ته منهنجو پهريون معاوضو 27 هزار رپيا هو پر ان وقت جي حساب سان اها وڏي رقم هئي، منهنجي گهر ۾ ان وقت ڪو سامان ئي نه هو، پهريون معاوضو ايندي ئي مان پنهنجي ماءُ لاءِ گهر جو سامان جيئن فرج، ٽي وي ۽ بيڊ وغيرا خريد ڪيو هو.
سندس چوڻ هو ته هاڻ مان ڪنسرٽ سميت شادي جي پروگرام ۾ پرفارم ڪندي آهيان، جيترو معاوضو وٺندي آهيان ان مان نئين آلٽو ڪار خريد ڪري سگهجي ٿي، ائين سمجهو ته مان هڪ پروگرام جو معاوضو 25 لک رپين تائين وٺندي آهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.