لنڊن (ويب ڊيسڪ) ڪلڪتي ٽيسٽ ۾ ڀارت جي شڪست تي اڳوڻي انگلش ڪرڪيٽر ڪيون پيٽرسن ردعمل ڏيندي چيو آهي ته ڪرڪيٽ رڳو پيسي جي راند بڻجي وئي آهي.
ڪيون پيٽرسن چيو ته ڪلڪتي ٽيسٽ جو نتيجو ماڊرن ڊي ڪرڪيٽ جو ئي نتيجو آهي، بيٽر هاڻ ڇڪا هڻندي ۽ سوئچ هٽ کيڏي ئي وڏا ٿي رهيا آهن، بيٽرن کي اننگز ڊگهي ڪرڻ ۽ ڏکين حالتن ۾ ميچ بچائڻ نه پيو سيکاريو وڃي.
هن چيو ته ان ۾ رانديگرن جو ڏوهه ناهي، ڇو ته ماڊرن ڪرڪيٽ آهي ئي اهڙي، اڄڪلهه جي رانديگرن جي ترجيح ڪريز تي بيهڻ يا اسپن کي کيڏڻ جو آرٽ سکڻ ناهي، ڪرڪيٽ هاڻ بورڊن ۽ نجي مالڪن جي مالي فائدي جي راند آهي.
سندس چوڻ هو ته رانديگر جيترو پيسو ڪمائي سگهن ٿا ڪمائين، ڇڪا ۽ سوئچ هٽس هڻندا رهو ۽ پنهنجو بينڪ بيلينس وڌائيندا رهو.
You might also like