ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم جا ٻه رانديگر بيماري سبب سڀاڻي کان پاڪستان ۾ شروع ٿيندڙ ٽي ملڪي سيريز کيڏڻ بنا واپس ڏيهه وڃي رهيا آهن.
سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ موجب ڪپتان چيرٿ اسالانڪا ۽ فاسٽ بالر اسيٿا فرنينڊو واپس اچي رهيا آهن.
سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ ٻڌايو آهي ته ٽي ملڪي سيريز ۾ ڊاسن شناڪا ٽيم جي قيادت ڪندو.
واضح رهي ته پاڪستان، سريلنڪا ۽ زمبابوي وچ ۾ ٽي ملڪي ٽي ٽوئنٽي سيريز جي شروعات سڀاڻي کان ٿي رهي آهي، پهرين ميچ سڀاڻي پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ راولپنڊي ۾ کيڏي ويندي.
You might also like