بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينا واجد عدالت طرفان انسانيت خلاف ڏوهن تي موت جي سزا جي فيصلي کي رد ڪندي چيو آهي ته ذري ذري جو حساب ورتو ويندو.
شيخ حسينا واجد عدالتي فيصلي کانپوءِ عوامي ليگ ۽ پنهنجي حامين لاءِ جاري پيغام ۾ چيو ته منهنجي خلاف لڳايل الزام ڪوڙا آهن، حامي پريشان نه ٿين، انهن کي فيصلو جاري ڪرڻ ڏيو، مون کي ان جي پرواهه ناهي.
هن چيو ته الله مون کي زندگي ڏني آهي ۽ اهو ئي واپس وٺندو پر مان پنهنجي ملڪ جي ماڻهن لاءِ ڪم ڪندي رهنديس، مان پنهنجي والدين، ڀيڻن ۽ ڀائرن کي وڃايو آهي، منهنجو گهر ساڙيو ويو آهي، ڪجهه نه وسارينداسين، هر شئي جو حساب ورتو ويندو.
You might also like