مدينو شريف (ويب ڊيسڪ) ڀارت مان عمري لاءِ سعودي عرب ويل زائرين جي بس آئل ٽينڪر سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 42 ڄڻا فوت ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب عمري لاءِ سعودي عرب ۾ موجود زائرين سومر جي صبح هڪ بس ۾ مڪي پاڪ کان مديني شريف وڃي رهيا هئا، جتي انهن جي بس جو هڪ آئل ٽينڪر سان ٽڪر ٿيو، جنهن کانپوءِ ٻنهي گاڏين کي باهه لڳي وئي.
رپورٽ موجب بس ۾ سوار زائرين جو واسطو ڀارتي رياست تلنگانه جي شهر حيدرآباد سان هو، جن ۾ عورتون ۽ ٻار پڻ شامل هئا.
You might also like