گجرات (ويب ڊيسڪ) گجرات پوليس جو انوکو ڪارنامو سامهون اچي ويو، جنهن جِنَ تي جنسي زيادتي جو ڪيس داخل ڪري ورتو.
ايف آءِ آر جي متن موجب گجرات ۾ اڳوڻي ناٺي ۽ جِن طرفان عورت کي لڄالٽ جو نشانو بڻايو ويو، واقعو ڪڪرالي ٿاڻي جي حدن ڀرسان ڳوٺ ڀدر ۾ پيش آيو.
عورت سميرا ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ته اڳوڻي ناڻي ۾ ”جِن“ لهندو آهي، جيڪو ان کي بي قابو ڪري مون سان جنسي تعلق قائم ڪندو آهي.
ايف آءِ آر جي متن موجب 17 ورهين جي نوجوان ڪبير اڳوڻي سَس سان زيادتي ڪئي، جنهن کي عادل نالي جِن بي قابو ڪيو.
ڊي پي او جي حڪم تي عورت جي فرياد تي اڳوڻي ناڻي ڪبير ۽ عادل نالي جن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو.
ايس ايڇ او ڪڪرالي موجب عورت جو ميڊيڪل ڪرايو ويو آهي، هڪ ٻه ڏينهن ۾ رپورٽ ملي ويندي، اڳوڻي ناٺي اندر ايندڙ عادل نالي جن 33 ورهين کان سميرا تي عاشق آهي.
You might also like