شيخ حسينا واجد کي پنهنجي ئي قائم ڪيل عدالت موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش ۾ اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينا واجد کي ان ئي انٽرنيشنل ڪرائمز ٽربيونل نالي عدالت موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي، جيڪا هن پاڻ قائم ڪئي هئي.
انٽرنيشنل ڪرائمز ٽربيونل (آءِ سي ٽي) 2010 ۾ حسينا جي عوامي ليگ حڪومت 1971 جي جنگ دوران پيش ايندڙ ظلمن جي ذميوارن جو احتساب ڪرڻ لاءِ ٺاهي هئي.
انٽرنيشنل ڪرائمز ٽربيونل معزول ۽ مفرور وزيراعظم شيخ حسينا ۽ سندس ٻن اعليٰ عهديدار ساٿين خلاف گذريل سال جولاءِ جي بغاوت دوران انسانيت خلاف ڪيل ڏوهن تي اهو فيصلو ڏنو آهي.
ڪيس ۾ اڳوڻي گهرو وزير اسدالزمان خان ڪمال ۽ اڳوڻي انسپيڪٽر جنرل پوليس چوڌري عبدالله المامون کي به شريڪ جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي.
اسد الزمان اڃا تائين مفرور آهي، جڏهن ته مامون حراست هيٺ آهي ۽ هن نه رڳو ڏوهن جو اعتراف ڪيو آهي پر رياستي شاهد به بڻيل آهي، 2010 ۾ ٽربيونل جي قيام کانپوءِ هو رياستي شاهد بڻجندڙ پهريون جوابدار آهي.
ڪيس جو فيصلو جسٽس محمد غلام مرتضيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني ٽربيونل ٻڌايو.
ان کان اڳ ٽربيونل 78 ورهين جي شيخ حسينا واجد کي ڀارت مان واپس آڻي ٽرائل ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي.
فريادين ٽربيونل کان ٽنهي جوابدارن جا اثاثا ضبط ڪرڻ ۽ متاثر خاندانن ۾ ورهائڻ جو پڻ مطالبو ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.