سنڌ کي ٽن ٽڪرن ۾ ورهائڻ جي سازش تيار ٿي آهي: عامر وڙائچ

خيرپور/پيرڳوٺ(نمائندا) ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي صدر عامر نواز وڙائچ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته 27هين آئيني ترميم، جيڪا سنڌ کي ٽن حصن ۾ ورهائڻ جي سازش آهي، اسان ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين ضرورت پئي ته اسين روڊن تي به نڪرنداسين ۽ پنهنجي جانين جا نذرانا ڏيڻا به پون ته ڏينداسين،هن چيو ته  سنڌ لاءِ وڪيل پنهنجي جانين کي قربان ڪرڻ کان به نٿا گهبرائن، ۽ سنڌ جي حقن لاءِ مرڻ تائين جدوجهد جاري رکنداسين 27هين آئيني ترميم خلاف سڀ وڪيل گڏ آهن ۽ هڪ صفحي تي بيٺل آهن سکر وارو وڪيل ڪنوينشن ڪراچي ۽ حيدرآباد کان به وڏو هيو. سڄي سنڌ جا وڪيل وڏي انگ ۾ اسان سان گڏ آهن ۽ انشاءَ الله 27هين ترميم ختم ٿي ويندي هن ٻڌايو ته اسان عدالتن جو ستن ڏينهن لاءِ بائيڪاٽ ڪيو آهي ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان کي به ستن ڏينهن جو وقت ڏنو آهي ته 26هين ۽ 27هين ترميم بابت جيڪي درخواستون زير التوا آهن، انهن کي جلد ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو وڃي عامر نواز وڙائچ وڌيڪ چيو سپريم ڪورٽ فل بئنچ ٺاهي ٻنهي ترميمن جو جائزو وٺي. هوڏانهن پيرڳوٺ ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس  منصور علي شاهه جي استعيفي واپس ورتي وڃي. هنن فرسوده نظام کان مايوس ٿي استيعيفي ڏني. هن چيو ته 27 هين آئيني ترميم کانپوءِ سپريم ڪورٽ جو معيار هڪ مقبري وانگر ٿي ويو آهي جتان ڪهڙو انصاف ملندو. هن اهڙو خطاب پيرڳوٺ ۾ مهيسر لا چيمبر ۽ ڪنگري بار طرفان وڪيلن جي ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ کي 3 ٽڪرن ۾ ورهائڻ جي مڪمل طور سازش ٿي آهي هن وقت 3 صوبا ٺهڻ وڃي رهيا آهن  جيڪا ڊسمبر ۾ ترميم اچي پئي جنهن کان پوءِ اوهان ڪراچي ويندا ته اهو سنڌ نه هوندو پر اهو هڪ الڳ صوبو هوندو ان لاء سڀني کي هڪ آواز ٿيڻو پوندو اسان هر ڪوشش ڪنداسين ان موقعي تي سينيئر وڪيل حسيب جمالي، ايڊوڪيٽ ڪي بي لغاري، ايڊوڪيٽ شمس لاڙڪ، ايڊوڪيٽ راشد مهيسر، ايڊوڪيٽ سراج مڱڻيجو ، ايڊوڪيٽ بشير ڀنڊ  ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.