لنڊن/ڪراچي/اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي هڪ حامي لنڊن جي اسٽور ۾ صحافي شاهزيب خانزادا کي اوچتو روڪي سخت احتجاج ڪيو ۽ بشريٰ بي بي بابت عدت ڪيس واري ڪوريج تي معافي جو مطالبو ڪيو. شاهزيب خانزادا پنهنجي گهرواري سان گڏ موجود هو، جنهن هن سڄي واقعي جي ويڊيو ٺاهي، جڏهن ته شاهزيب بنا ڪنهن جواب جي اسٽور مان ٻاهر نڪري ويو. احتجاج ڪندڙ شخص الزام لڳايو ته شاهزيب خانزادا ٽي وي تي بشريٰ بي بي جي ذاتي معاملي کي بار بار بحث جو موضوع بڻايو، جيڪو غير اخلاقي عمل آهي. هي وڊيو سوشل ميڊيا ايڪس تي سامهون آئي، ٻئي پاسي صحافيءَ کي هراسان ڪرڻ جي مذمت ڪئي پئي وڃي. صحافي مطيع الله جان لکيو ته عمران خان جي حامين کي ڪجهه سکڻ گهرجي، گهرڀاتين سان گڏ صحافي کي هراسان ڪرڻ مذمت جوڳو آهي، شاهزيب حڪومت ۽ وزيرن کي گهڻن موقعن تي لاجواب ڪيو آهي. حماد حسن لکيو ته حڪومت نوٽيس وٺي ۽ اهڙن ماڻهن کي همٿائيندڙن جي حمايت کان انڪار ڪيو وڃي. عاصما شيرازي چيو ته پي ٽي آءِ جي زومبيز پاران صحافي جي هراسمينٽ جي مذمت ڪريان ٿي. حسين حقاني لکيو ته پي ڊي ايم حڪومت شاهزيب خانزادا کي صدارتي ايوارڊ ڏيڻ گهريو پر هن انڪار ڪيو هو ته ان سان غيرجانبداري متاثر ٿي سگهي ٿي. سنڌ جي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه شاهزيب خانزادا سان پيش آيل واقعي تي ردعمل ڏيندي ان جي مذمت ڪئي. هن لکيو ته اختلاف ضرور پر احترام سان ڪرڻ گهرجي،ـ شاهزيب جي عزت گهٽ نه ٿي، پر اوهان جي تربيت ظاهر ٿي. هن شاهزيب خانزادا کي جرئتمند ۽ باوقار صحافي قرار ڏنو ۽ چيو ته صحافتي آزادي تي حملن جا اهڙا طريقا قبول جوڳا نه آهن. مهر بخاري، وسيم عباسي سميت ٻين پڻ مذمت ڪئي.