28هين آئيني ترميم جون تياريون، 12 صوبا ٺاهڻ جو پڙاڏو

  اسلام آباد(ع آ نيوز) 27 هين آئيني ترميم جي منظوري کان پوءِ پاڪستان ۾ هاڻي 28هين  آئيني ترميم بابت  خبرون پکڙجي چڪيون آهن. ماهرن ۽ مبصرن جو چوڻ آهي ته هي ترميم ملڪ ۾ انتظامي ڍانچي ۾ تبديلي، اختيارن جي مقامي سطح تي منتقلي ۽ مقامي حڪومتن جي بااختياري بابت اهم ٿي سگھي ٿي. پر ساڳئي وقت هي  خبرون گردش ۾ آهن ته هن نئين ترميم تحت ملڪ ۾ نوان صوبا ٺهڻ جا امڪان ٿي سگهن ٿا. چند ڏينهن اڳ سينيٽر فيصل واوڊا چيو هو ته 27هين ترميم پارليامينٽ ۽ رياستي ادارن ۾ طاقت جي توازن کي بهتر بڻايو ۽ دفاعي معاملن کي مضبوط ڪيو، هاڻي وقت آهي ته 28هين ترميم لاءِ تياري ڪئي وڃي. صحافي ڪامران خان جي مطابق، 28هين ترميم ۾ شايد نوان صوبا يا انتظامي يونٽ ٺاهڻ، اختيارن ۽ وسيلن جي منتقلي، ۽ مقامي حڪومتن جي مالي ۽ انتظامي اختيارن کي  آئيني تحفظ ڏيڻ جهڙا قدم شامل ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته صوبائي حڪومتن کي مالي وسيلن کي مقامي حڪومتن تائين پهچائڻ لاءِ صوبائي فنانس ڪميشن جو قيام ۽ ان جي فارمولن کي آئيني تحفظ ڏيڻ تي غور ڪيو وڃي ٿو، بلڪل ان طريقي سان جيئن نيشل فنانس ڪميشن تحت وفاقي حڪومت صوبن کي روينيو فراهم ڪري ٿي. صحافي زاهد گشڪوري پڻ دعويٰ ڪئي ته 28هين ترميم جو فوڪس اليڪشن ڪميشن، پارليامينٽ جي مدت، ٻٽي شهريت ۽ نون صوبن جي جوڙجڪ تي ٿيندو. ڏکڻ ايشيا جي سياست تي نظر رکڻ واري ’ايڪس‘ اڪائونٽ ’سائوٿ ايشيا انڊيڪس‘ مطابق، 28هين آئيني ترميم جي ذريعي ملڪ جي صوبائي نقشي کي ٻيهر ترتيب ڏيڻ ۽ 12 نون صوبن جو قيام ڪرڻ جي تياري ٿي رهي آهي.  رپورٽ انهن نون صوبن ۾ اسلام آباد، اولهه پنجاب، ڏکڻ پنجاب، بهاولپور، پوٺوهار، ڪراچي، سنڌ، مهراڻ، بلوچستان، گوادر، خيبر ۽ هزارہ کان علاوه آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان پڻ شامل آهن .  ان سلسلي ۾مملڪتي وزير قانون ۽ انصاف بيرسٽر عقيل ملڪ پڻ چيو ته  28هين آئيني ترميم اچي سگهي ٿي، وزيراعظم پڻ اشارو ڏنو آهي، 28هين ترميم خاص طور تي آرٽيڪل 140 اي ۽ اين ايف سي سان لاڳاپيل هوندي.هن چيو ته پيپلزپارٽي 28هين آئيني  ترميم تي رضا مندي ظاهر ڪري چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.