وفاقي آئيني عدالت جي پهرين ڪاز لسٽ جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي آئيني عدالت جي پهرين ڪاز لسٽ جاري ڪئي وئي آهي.
جاري ڪيل ڪاز لسٽ موجب ايندڙ هفتي وفاقي آئيني عدالت ۾ ٽي بينچون ڪيس ٻڌنديون.
ڪاز لسٽ موجب وفاقي آئيني عدالت جو چيف جسٽس امين الدين خان ڪورٽ روم نمبر هڪ ۾ ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندو، جڏهن ته جسٽس حسن اظهر رضوي کي ڪورٽ روم نمبر ٻه ۾ ٻڌڻي جي ذميواري ڏني وئي آهي.
ٽين بينچ ۾ جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ڪي ڪي آغا شامل آهن، جيڪي ٻه رڪني بينچ جي حيثيت سان ڪورٽ روم نمبر ٽي ۾ ڪيس ٻڌندا.
وفاقي آئيني عدالت جي قيام کانپوءِ اها پهرين ڪاز لسٽ آهي، جنهن تحت اهم آئيني ڪيسن جي ڪارروائي ايندڙ هفتي شروع ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.