سنڌ ۾ 80 لک ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن، تاحيات سرڪاري رعايتون وٺندڙ سوچين\ساڃاهه وند

ڪراچي (رپورٽر) اٺين سنڌ ادبي ميلي ۾ ”تعليم جي صورتحال ۽ ٻارن جي اسڪول تائين رسائي“ عنوان سان ٿيل سيشن ۾ ماهرن تعليم جي ڍانچي، پاليسين ۽ اصل مسئلن بابت اهم خيالن جو اظهار ڪيو. سيشن ۾ گھنور خان لغاري، نصير ميمڻ، قيصر بنگالي، شھناز وزير علي ۽ ليلا رام خطاب ڪيو. نصير ميمڻ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سنڌ ۾ لکين ٻار اڃا تائين اسڪول کان ٻاهر آهن، جيڪي اسڪول نه وڃن ٿا، تنھن وقت ۾ اهي ٻار ڪٿي هوندا؟ هن چيو ته جيڪي ماڻهو تاحيات سرڪاري رعايتون وٺن ٿا، انهن کي سوچڻ گهرجي ته تعليم جهڙي اهم شعبي تي ڌيان ڇو نه ٿو ڏنو وڃي. گھنور خان لغاري ٻڌايو ته سنڌ ۾ پهريون ڀيرو ڊجيٽل تعليم جو آغاز ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جا اسڪول تيزيءَ سان وڌي رهيا آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي سهڪار سان فائونڊيشن 11 لک ٻارن کي سرڪاري خرچ تي معياري تعليم فراهم ڪري رهي آهي. شھناز وزير علي چيو ته ملڪ جي تعليمي نظام کي بنيادي طور تي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن زور ڏنو ته اڪثر بجيٽ سيمنٽ، عمارتن ۽ ڀتين تي لڳي ٿي، جڏهن ته اصل خرچ اسڪولن ۾ پڙهندڙ ٻارن تي ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته 77 سيڪڙو  ٻارن جي بنيادي تعليم ڪمزور آهي، ان لاءِ قومي سطح تي وڏي مهم هلائڻ ضروري آهي. سول سوسائٽي ۽ مائٽن جي شموليت کانسواءِ تعليمي سڌارا ممڪن نه آهن.هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ 40 هزار مدرسا آهن، ۽ سرڪاري تعليمي نظام ڪمزور هجڻ سبب ماڻهو ٻار انهن طرف موڪلين ٿا. اسڪولن جو وقت وڌائڻ، نصاب ۾ تاريخ جو مضمون شامل ڪرڻ ۽ پرائمري سطح تي مادري ٻولي ۾ تعليم لازمي هجڻ گهرجي. قيصر بنگالي چيو ته اسان جي تعليم ۽ نصاب ۾ سالن کان مسئلا آهن، جڏهن ته هيٺين سطح تي سياسي مداخلت سڀ کان وڏو مسئلو بڻيل آهي. هن چيو ته سياست جو غيرضروري اثر تعليم کي شديد نقصان پهچايو آهي.  سنڌ ادبي ميلو ۾ سيشن "جديد دور جا چيلينجز ۽ دانشورن جون ذميواريون” ۾ موجوده سياسي، سماجي ۽ فڪري حالتن تي تفصيلي بحث ٿيو. سيشن جي صدارت ڊاڪٽر رياض شيخ ڪئي، جڏھن⁠ تہ مھتاب اڪبر راشدي، ناظر محمود، شھاب اوستو ۽ عابد مير پنھنجا ويچار پيش ڪيا. مھتاب اڪبر راشدي چيو ته دنيا اڄ کان به خراب حالتون ڏسي چڪي آهي، رومن امپائر جي دور ۾ به ماڻھن پنهنجو حقِ راءِ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته هڪ زماني ۾ سنڌي مئگزين تي پابنديون هيون، پر ماڻهو تڏهن به پنهنجي ڳالهه کُلي ڪري پيش ڪندا هئا. مھتاب راشدي چيو ته “حالتون بدلجڻ ۾ دير نه لڳندي، منھنجو يقين آھي ته نوجوان ۽ سنڌ جي عورت مستقبل کي بدلائڻ جي صلاحيت رکن ٿا۔” هن چيو ته سنڌي عورت اڄ هر شعبي ۾ سرگرم آهي، ۽ نوجوانن سان گڏ هي نئون طبقو هاڻي ڪنهن کي خاموش رهڻ نه ڏيندو. “مايوس ٿيڻ جي گنجائش ناهي، مستقبل ڏانهن ڏسڻ گهرجي، ناظر محمود پنهنجي خطاب ۾ چيو ته نوجوانن لاءِ ضروري آهي ته انهن جو مونجهارو ختم ٿئي، ۽ اها ذميواري دانشورن تي لاڳو ٿئي ٿي ته هو نوجوان نسل کي فڪري انتشار مان ٻاهر ڪڍن. هن چيو ته روشن خيال ۽ باشعور سماج لاءِ نوجوانن جي رهنمائي بنيادي اهميت رکي ٿي. شھاب اوستو چيو ته ملڪ جي موجوده سياسي قيادت مان عوام مڪمل مايوس آهي، ڪو به واضح اميدوار نظر نٿو اچي. هن چيو ته روايتي تبديلي آڻيندڙ اڳواڻ هاڻي اڻ لاڳاپيل ٿي چڪا آهن، جڏهن⁠ ته سماج ۾ مزاحمت موجود آهي پر ان جي اڳواڻي گهٽ آهي. هن نشاندهي ڪئي ته سنڌ ۾ اڃا تائين 80 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، جيڪو سنگين مسئلو آهي. سندس خيال ۾ ماڻهن ۾ شعور وڌي رهيو آهي ۽ هو پنهنجي حقن لاءِ پاڻ وڙهڻ شروع ڪري چڪا آهن.عابد مير چيو ته پنجاب جا دانشور حڪمرانن ۾ منصور حلاج جا نقش ڏسڻ لڳا آهن، جڏهن⁠ ته سنڌ جا ڪيترائي دانشور بلاول ڀٽو ۾ سڀ اميدون ڳولين ٿا. اصل سوال هي آهي ته دانشور پاڻ ڪهڙي پوزيشن تي بيٺو آهي.

  1. سنڌ امن جي ڌرتي ۽ ڪراچي ان جي دل آهي: ناصر شاهه

ڪراچي: سنڌ جي مڪاني ادارن ، گهرن ۽ ٽائون پلاننگ واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ رواداري، معافي، صبر، امن ۽ محبت جي ڌرتي آهي. هيءَ سرزمين شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست ۽ ٻين صوفين جي زمين آهي. هن چيو ته هاڻ سنڌي ٻولي گوگل تي به موجود آهي ۽ ان جو ترجمو آساني سان ڪري سگهجي ٿو. هن اهي ڳالهيون ڇنڇر ڏينهن اٺين سنڌ ادبي ميلي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيون. افتتاحي تقريب ۾ مهتاب اڪبر راشدي، سرفراز راجڙ، گنهور خان لغاري ۽ ٻيا شرڪت ڪندڙ موجود هئا، جتي سنڌي ادب ۽ ثقافت جون رنگارنگ نمائشون به پيش ڪيون ويون.  روايتي رقص، اجرڪ، رلي ۽ سنڌي ٽوپي وارا اسٽال به لڳايا ويا. ناصر حسين شاهه چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ويزن ترقي ۽ خوشحالي آهي. سنڌ حڪومت ڪراچي جي انفراسٽرڪچر کي مڪمل طور تي ٺاهي رهي آهي. ڪراچي اسان جي دل آهي، ۽ اسين هر گهٽي، هر محلي جو انفراسٽرڪچر ٺاهي رهيا آهيون.

اسين ماڻهن جي تڪليفن کي سمجهون ٿا ۽ ان تي معذرت به ٿا ڪريون.  ناصر شاهه چيو ته: ”اسين عورتن جي عزت ڪريون ٿا. پي ٽي آءِ دور ۾ ايڪانامسٽ سميت ڪيترائي جرنل نمايان ٿيا. اسين بشريٰ بي بي جي به عزت ڪريون ٿا، پر حقيقتون پنهنجي جاءِ تي موجود آهن. ايڪانامسٽ جي رپورٽ کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، ۽ ان دور ۾ فرح گوگي جو ڪردار به رهيو.“هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي کي پبلڪ ٽرانسپورٽ جي سخت ضرورت آهي. ٽرانسپورٽ واري وزير وڌيڪ بسن جو اضافو ڪيو آهي ۽ جلد ئي ماڻهن جي هي مسئلو به حل ٿي ويندو.

  1. پاڻي بابت اڳڪٿيون غلط ثابت ٿيون، هر مسئلي جو حل ڊيم ناهي: ماهر

ڪراچي(رپورٽ: ذوالفقار راڄپر) سنڌ لٽريچر فيسٽيول ۾ “سنڌو درياهه، ڌرتي کي خطرا ۽ اسان جو مستقبل” عنوان سان هڪ اهم فڪري سيشن ٿيو، جنهن جي ماڊريشن صحافي عافيه سلام ڪئي. ڊاڪٽر حسن عباس ڳالهائيندي چيو ته 2025ع ۾ پاڻي گهٽ ٿيڻ بابت اڳڪٿيون درست نه هيون، مون تڏهن به چيو هو ته پاڻي گهٽ نه ٿيندو. هن چيو ته مودي پاران سنڌ طاس معاهدو ختم ڪرڻ جو اعلان به عملي طور ناممڪن هو. هن چيو ته 6 ڪينالن جي معاملي ۾ به اسان جو موقف واضح آهي ته ريگستان ۾ ڪينال نٿا ٺهي سگهن،.ڊاڪٽر حسن عباس وڌيڪ چيو ته پنجاب ۾ درياهه وساري ڪينالن جو نظام وڌايو ويو، جڏهن ته سنڌ ۾ ڊيلٽا ۽ درياهه سان ماڻهن جو تاريخي لاڳاپو اڄ به قائم آهي. هن چيو ته پاڪستان جا درياهه دنيا جي سڀني درياهن کان مختلف آهن ۽ درياهه جا مقامي رهواسي ئي صحيح ڄاڻ رکن ٿا..ماحولياتي ماهر نصير ميمڻ خطاب ڪندي چيو  ته پاڪستان ۾ هر مسئلي جو حل ڊيم ۾ ڳوليو وڃي ٿو، جڏهن ته نه پاڻي بچيل آهي ۽ نه ئي آباديءَ کي منظم ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي موجود آهي. هن چيو ته 1945ع ۾ ايندڙ سونامي ۾ ڪراچي ۾ هزارين ماڻهو فوت ٿيا هئا، تنهن ڪري شهر اڄ به وڏن خطري هيٺ آهي. نصير ميمڻ چيو ته انڊس ۾ پاڻي هوندو ته ئي ڪوسٽل لائين محفوظ رهندي، ٻي صورت ۾ خطرا وڌندا رهندا. ماحولياتي ماهر مسعود لوھار چيو ته ڪراچي مان روزانو 70 ڪروڙ گيلن پاڻي بنا صاف ( ٽريٽ) ٿيڻ جي سمنڊ ۾ خارج ٿي رهيو آهي، جيڪو ماحولياتي تباهيءَ جو وڏو سبب آهي. هن چيو ته درياهن جو اصل ڪيس سنڌ نه پر پنجاب جو آهي، جنهن کي سمجهڻ کپي. هن چيو ته اسان سڀ انڊس جا ٻار آهيون ۽ سنڌ واديءَ جي سڃاڻپ سان ئي گڏجي اڳتي وڌڻو آهي. مسعود لوھار مودي کي چيلنج ڪندي چيو ته هو ايندڙ ٽن سالن ۾ پاڻي بند ڪري ڏيکاري. سيشن ۾ شرڪت ڪندڙن درياهن جي تحفظ،ماحولياتي خطرا ، پاڻي جي ورڇ ۽ ڪراچي سميت سڄي سنڌ لاءِ مستقبل جي خطري تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.