ڳڙهي خيرو واسي ٻن شاگردن سميت 3 نوجوان مختلف هنڌن تان کنڀجي ويا

ڳڙهي خيرو (ن ع آ) هڪ هفتي دوران ڳڙهي خيرو جا ٽي نوجوان مختلف شهرن مان کنڀي گم ڪيا ويا آهن، جنهن سبب علائقي ۾ شديد ڳڻتي پيدا ٿي آهي. سنڌ يونيورسٽي جي ايم ايل ٽي شعبي جو شاگرد سيد عباس شاهه ڊينگي جي علاج لاءِ لاڙڪاڻي ويو، جتان اسپتال مان خانگي ڪپڙن وارن کيس زبردستي کنڀي ورتو. سندس والد مزدور آهي، جيڪو محنت سان پٽ کي تعليم ڏياري رهيو هو. ساڳي ڏينهن نوجوان فرمان بروهي به شيخ زيد اسپتال لاڙڪاڻي مان کنڀيو ويو، جنهن جي خبر ٻڌڻ تي سندس ڀيڻ صدمي ۾ فوت ٿي وئي. تازي واقعو ۾ سنڌ يونيورسٽي جي انگريزي شعبي جو پاس آئوٽ عبدالقدير عمراڻي ڀٽائي نگر ۾ ڪاليج مان موڪل بعد ٻاهر نڪرندي کنڀيو ويو. شاگرد اتحاد جو چوڻ آهي ته کنڀيل نوجوانن کي جلد آزاد ڪيو وڃي يا سندن ڪو ڏوهه آهي ته کين عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. هنن صدر، وزيراعظم ۽ اعليٰ اختيارين کان نوجوانن جي بازيابي جو مطالبو ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.