روس جي پاڪ – افغان ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) ايران کانپوءِ روس به پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ٽياڪڙي جي آڇ ڪري ڇڏي.
روسي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ماريا زخارووا پريس بريفنگ ۾ چيو ته خطي ۾ استحڪام روس جي ترجيح آهي، پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ سرحدي ڇڪتاڻ علائقائي سلامتي لاءِ خطرو آهي، ٺاهه جون ڪوششون پائيدار امن کي يقيني بڻائي سگهن ٿيون.
هن چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان صبر جو مظاهرو ڪن، اختلاف ڳالهين سان حل ڪن، ڇڪتائڻ وڌائيندڙ قدمن کان پاسو ڪن ۽ ڳالهيون جاري رکن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.