بشريٰ بي بي فيض حميد لاءِ ڪم ڪندي هئي، طاقت خاطر هڪ عورت کي لانچ ڪيو ويو: خواجا آصف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته اڪنامسٽ جي خبر درست آهي، بشريٰ بي بي اڳوڻي انٽيليجنس سربراهه جنرل فيض حميد لاءِ ڪم ڪندي هئي.
نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته بشريٰ بي بي جي ڏنل ڄاڻ ڪجهه ڏينهن ۾ درست ثابت ٿي ويندي هئي، پي ٽي آءِ باني مڪمل طور تي جنرل فيض ۽ جنرل باجوا جي ڪنٽرول ۾ هو، پاڪستان سان سنگين مذاق ڪيو ويو، طاقت لاءِ هڪ عورت کي لانچ ڪيو ويو.
هن چيو ته چار پنج سالن جي ڦرلٽ هڪ منصوبي تحت ڪئي وئي، نواز شريف خلاف سپريم ڪورٽ ۾ پلان تحت فيصلا ٿيا، ڦرلٽ جي پيسي مان پي ٽي آءِ باني کي حصو ملندو هو، باقي پيسو ٻاهر ويو، پنجاب جهڙي صوبي سان سنگين مذاق ٿيو.
سندس چوڻ هو ته آڪسفورڊ مان پڙهي به اهو سڀ ڪرڻ افسوسناڪ آهي، ملڪ جي ڪمانڊ ڌاڳي ڦيڻي حوالي ڪئي وئي، بشريٰ بي بي دشمن ملڪ جي هٿ لڳي وڃي ها ته سنگين خطرا پيدا ٿي پئي سگهيا.
خواجا آصف چيو ته پي ٽي آءِ وارا عمران خان کي ڏاڍو عقلمند سمجهندا هئا، جنهن کي هڪ عورت کپائي ڇڏيو، ڦرلٽ جي پيسي مان عمران خان کي ٽپ ملي ويندي هئي، باقي پيسو گوگي ٻاهر کڻي وئي، پيرڻي وٽ جيڪو حصو آهي اهو ڪٿي نه ڪٿي ته پيو هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.