اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته ڀارت خلاف جنگ ۾ الله پاڪ پاڪستان کي ڪامياب ڪيو، اسان امن پسند آهيون، جنگ مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ائين ئي جواب ڏينداسين جيئن مئي ۾ ڏنو هو.
ايوان صدر ۾ اردن جي بادشاهه جي مان ۾ مانجهاندي ۾ شرڪت جي موقعي تي ڳالهائيندي فيلڊ مارشل چيو ته الله جي حڪم موجب پنهنجا فرض انجام ڏيندو آهيان، الله پاڪ جا شڪرگذار آهيون، جنهن اسان کي فتح ڏياري، اها ڪاميابي الله پاڪ جي طرفان آهي، اسان جا سپاهي الله جي نالي تي وڙهندا آهن.
ان موقعي تي فيلڊ مارشل غزوه احد بابت خيالن جو اظهار ڪندي قرآني آيتن جو حوالو پڻ ڏنو.
جنگ مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ائين ئي جواب ڏينداسين، جيئن مئي ۾ ڏنو هو: فيلڊ مارشل
You might also like