لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسئيشن طرفان جي ڊي اي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ نيشنل پيپلز پارٽي جي سربراهه غلام مرتضيٰ جتوئي جي مان ۾ آجياڻي واري تقريب منعقد ڪئي وئي. آجياڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي غلام مرتضيٰ جتوئي چيو ته جنهن ملڪ ۾ انصاف ناهي اهو ملڪ ڪڏهن به ترقي ڪري نه سگهندو، اسان پاڪستان جو بنياد قائم نه ڪري سگهياسين ۽ نه ئي انصاف ڏئي سگهياسين، هن چيو ته 26 ۽ 27 هين ترميم کان پوءِ ان آئين جو ڪهڙو حشر ٿيو اُهو سڀني جي سامهون آهي، 27 هين ترميم کان پوءِ ملڪ ۾ 28 جي تياري هلي پئي جنهن کان پوءِ 29 ۽ 30 هين ترميم به ايندي، خبر ناهي ته هن ملڪ جو ڇا حشر ڪندا هن چيو ته 26 هين ترميم کان پوءِ ججز ڪافي پريشر ۾ آيا ۽ ڪافي فيصلا نه پيا ڏئي سگهن، 27 هين ترميم کان پوءِ جج لاءِ انصاف ڏيڻ ۽ وڪيلن لاءِ انصاف وٺڻ ڏکيو ٿي پيو آهي، هن چيو ته تاريخ ٿي چوي ته جيترو توهان ماڻهن کي دٻائيندا ته هو انارڪي ۽ ٻئي پاسي ويندا جيڪڏهن توهان ماڻهن جا جمهوري رستا بند ڪندا ته ماڻهو ليفٽ رائيٽ ڏسڻ شروع ڪندا جيڪو هن ملڪ پاڪستان لاءِ صحيح نه هوندو هن چيو ته مون کي ٻڪري، موٽرسائيڪل ۽ چانور ڦر، هزار فوٽ پلاٽ سميت ٻين ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو ويو آهي جنهن ڪري مان عدالتن جا چڪر پيو لڳايان پر صدر کي استثنيٰ آهي ۽ اسان کي اهڙي قسم جي استثنيٰ ناهي، انشاءَ الله سنڌ جو ماڻهو سجاڳ ٿي چڪو آهي جنهن ۾ عام چونڊن دوران مان تبديلي ڏٺي، هاڻي جيڪڏهن عام چونڊون صاف ۽ شفاف نموني ٿيون ته خبر پئجي ويندي ته ڪير ڪٿي بيٺو آهي ۽ مان چوان ٿو ته پيپلز پارٽي 30 سيڪڙو کان وڌيڪ سيٽون نه کڻي سگهندي. سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئشن لاڙڪاڻي جي صدر ايڊووڪيٽ اطهر عباس سولنگي چيو ته حڪمرانن عدالتن کي پنهنجي گهر جي لونڊي بڻائي ڇڏيو آهي ۽ هن وقت عدالتون آزاد نه آهن، ڏسو ته جسٽس منصور علي شاھ ۽ اطهر من الله وڏي نالي جا معتبر جج آهن، هن چيو ته جڏهن صدر پاڪستان آصف علي زرداري صدر جي عهدي تي نه رهندو ته هو موري ۽ لاڙڪاڻي ۾ مختلف برادري جي ماڻهن جي زمينن تي قبضا ڪري ڦڏا فساد ڪرائي رتو ڇاڻ ڪرائيندو ته ان جي خلاف ڪا ڪاروائي نه ڪئي ويندي، خدا جو ڪو خوف ئي ناهي، 27 هين آئيني ترميم خلاف سخت احتجاج ڪنداسين هن چيو ته اسان ايس يو پي جي صدر سيد زين شاھ ۽ اسان ايس يو پي صدر سيد زين شاھ سان پارلياماني سياست ۾ ڪرپٽ نظام جي خاتمي لاءِ گڏ آهيون، تقريب ۾ ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي، معظم علي عباسي، فاروق احمد لوڌي، مجاهد شفقت رضا جتوئي، غلام محمد باريجو، عاشق حسين ڌامراهه، ممتاز علي جيسر سميت ٻين وڪيلن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.