پاڪستان ياترا تي آيل ڀارتي سک عورت اسلام قبول ڪري شادي ڪري ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) بابا گرو نانڪ جي جنم ڏينهن جي تقريبن ۾ شرڪت لاءِ ڀارت مان ايندڙ جٿي ۾ شامل سک عورت سربجيت ڪور اسلام قبول ڪري پاڪستاني شهري سان شادي ڪري ڇڏي.
عورت جو اسلامي نالو نور رکيو ويو آهي، نڪاح نامي موجب 48 ورهين جي سربجيت ڪور 5 نومبر تي شيخوپورا ضلعي جي فاروق آباد جي رهواسي ناصر حسين سان نڪاح ڪيو.
نڪاح ۾ 10 هزار رپين جو حق مهر داخل آهي، جيڪو ادا ڪيو ويو آهي، سربجيت ڪور 4 نومبر تي ڀارتي ياترين سان گڏ پاڪستان آئي هئي پر 13 نومبر تي ڀارت واپس ويندڙ ياترين ۾ شامل نه هئي، جڏهن ته ان ئي ڏينهن سندس ويزا به ختم ٿي وئي هئي.
ان ئي بنياد تي کيس گم ٿيل قرار ڏئي ڳولا شروع ڪئي وئي پر پوءِ خبر پئي ته هن اسلام قبول ڪري پاڪستاني شهري سان شادي ڪري ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.