ڪينگروز کي هڪ ٻيو ڌڪ، ڪمنز ۽ ايبٽ کانپوءِ هيزل ووڊ به ايشز جي پهرين ٽيسٽ کان ٻاهر

ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ خلاف ايشز سيريز جي پهرين ٽيسٽ کان اڳ آسٽريلوي ٽيم کي هڪ ٻيو ڌڪ لڳي ويو ۽ فاسٽ بالر جوش هيزل ووڊ به انجري سبب پهرين ٽيسٽ کان ٻاهر ٿي ويو آهي.
ڪرڪيٽ آسٽريليا جو چوڻ آهي ته مائيڪل نيسر کي پهرين ٽيسٽ لاءِ اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته پيٽ ڪمنز ۽ شين ايبٽ اڳ ئي انجريءَ جو شڪار ٿي پهرين ٽيسٽ کان ٻاهر ٿي ويا آهن.
آسٽريليا ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ 21 نومبر کان پرٿ ۾ شروع ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.