ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ اڄ به لاٿ ٿي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 9100 رپيا لاٿ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت 4 لک 30 هزار 662 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 7799 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 69 هزار 223 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 91 ڊالر گهٽجڻ سان 4083 ڊالر في اونس آهي.
You might also like