اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين بيرسٽر گوهر بشريٰ بي بي خلاف برطانوي رسالي دي اڪنامسٽ جي آرٽيڪل کي ڪوڙ، شرپسندي ۽ ڪردار ڪشي قرار ڏيندي قانوني ڪارروائي جو اعلان ڪري ڇڏيو.
نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي بيرسٽر گوهر چيو ته اهو آرٽيڪل شرپسندي ۽ ڪوڙ تي ٻڌل آهي، بشريٰ بي بي عمران خان جي گهرواري هجڻ سبب جيل ۾ آهي، ان آرٽيڪل جو مقصد بشريٰ بي بي ۽ عمران خان جي ڪردار ڪشي آهي.
هن چيو ته ان کان اڳ به عدت جهڙا الزام هنيا ويا، جنهن مان هوءَ آجي ٿي، هيءَ به هٿ ٺوڪي ڪهاڻي آهي، اهڙن حربن سان بشريٰ بي بي کي نٿو ٽوڙي سگهجي.
سندس چوڻ هو ته ان قسم جا آرٽيڪل اسپانسرڊ هوندا آهن ۽ اسان قانوني ڪارروائي ڪنداسين، وقت ثابت ڪندو ته اهو سڀ ڪوڙ آهي.
You might also like