”بشريٰ بي بي جو عمران خان تي جادو“ برطانوي رسالي ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪري ڇڏيا

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانوي رسالي پنهنجي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته عمران خان جي حڪومتي دور ۾ بشريٰ بي بي اهم سرڪاري فيصلن تي اثرانداز ٿيندي رهي.
دي اڪنامسٽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي جي ڪردار تي خاص رپورٽ شايع ڪئي آهي، جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي عمران خان جي ٽين شادي نه رڳو سندس ذاتي زندگي پر ان جي حڪومتي فيصلن تي به گهرا سوال پيدا ڪيا.
رپورٽ موجب اڳوڻي وزيراعظم جي ويجهن حلقن جو چوڻ آهي ته بشريٰ بي بي اهم سرڪاري مقررين ۽ حڪومتي معاملن ۾ اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪندي رهي، جنهن سان فيصلن ۾ ”روحاني مشاورت“ جو پهلو وڌندو ويو.
سينيئر صحافي اوون بينيٽ جونز جي ان رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته بشريٰ بي بي جي روحاني اثرن سبب عمران خان پنهنجي سڌارن واري ايجنڊا لاڳو ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو.
رپورٽ ۾ ڪجهه مبصرن جي حوالي سان دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ڳجهي اداري جا ڪجهه ماڻهو ڄاڻ بشريٰ بي بي تائين پهچائيندا هئا، جنهن کي هوءَ عمران خان سامهون پنهنجي روحاني نظر سان حاصل ڪيل ڄاڻ طور پيش ڪندي هئي.
رسالي جي رپورٽ موجب اهي سمورا عمل عمران خان جي فيصلي سازي تي اثرانداز ٿيا ۽ حڪومتي معاملن ۾ غير معمولي روحاني اثر جي شڪايتن کي هٿي ملي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.