حيدرآباد ۾ غير قانوني طور آتشبازي جو سامان ٺاهيندڙ ڪارخاني ۾ ڌماڪو، 4 مزدور فوت، 5 زخمي

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد جي علائقي لطيف آباد ۾ غير قانوني طور آتشبازي جو سامان ٺاهيندڙ خارڪاني ۾ ڌماڪي کانپوءِ باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 4 مزدور فوت ۽ 5 زخمي ٿي پيا.
لطيف آباد جي اسسٽنٽ ڪمشنر موجب غير قانوني طور هڪ گهر ۾ ڦٽاڪا ٺاهڻ جي فيڪٽري ٺاهي وئي هئي، هڪ ڪمري ۾ ڦٽاڪا ٺاهيا پئي ويا.
ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته فيڪٽري رهائشي علائقي ٻاهران ٻنين ڀرسان ٺاهي وئي هئي، ڌماڪي ۽ باهه لڳڻ سان فيڪٽري جو ڪجهه حصو ڪِري پيو آهي.
هوڏانهن وڏي وزير مراد علي شاهه واقعي جو نوٽيس وٺندي فوري طور رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.
هن چيو ته ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، مزدورن جي تحفظ ۾ ڪا ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.