اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري آرمي، نيوي ۽ ايئر فورس ترميمي بلن جي منظوري ڏئي ڇڏي.
صدر پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن مان منظور ٿيندڙ پاڪستان آرمي (ترميمي بل) 2025 جي منظوري ڏني.
ان کانسواءِ هن پاڪستان ايئر فورس (ترميمي) بل 2025 ۽ پاڪستان نيوي (ترميمي) بل 2025 جي به منظوري ڏني.
صدر طرفان منظوري کانپوءِ اهي ٽئي ترميمي بل قانون جو حصو بڻجي ويا آهن.
آرمي ايڪٽ موجب آرمي چيف هاڻ چيف آف ڊفينس فورسز به هوندو، عهدي جو مدو 5 سال هوندو، جڏهن ته جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جو عهدو ختم ڪيو ويو آهي.
27هين آئيني ترميم ۾ اها منظوري به ڏني وئي هئي ته فيلڊ مارشل جو عهدو تاحيات هوندو.
You might also like