ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ڪراچي جي عورتن کي خوشخبري ڏئي ڇڏي.
سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ اعلان ڪيو آهي ته ڪراچي ۾ پنڪ بس سروس جو نئون روٽ شروع ڪيو پيو وڃي، اهو روٽ 17 نومبر کان شروع ٿيندو، جيڪو عبدالله چوڪ کان نمائش تائين هوندو.
هن ٻڌايو ته شروعاتي طور اها سروس رڳو ٽن وقتن لاءِ هوندي، صبح 8 کان 9، منجهند 1 کان 2 ۽ شام 5 کان 7 وڳي تائين عورتون سفر ڪري سگهنديون.
سندس چوڻ هو ته ڪراچي جهڙي وڏي شهر ۾ عورتن کي روز سفر دوران ڏکيائيون پيش اينديون آهن، ان سروس سان انهن کي سهولت ملندي، حڪومت چاهي ٿي ته عورتون اعتماد سان پنهنجي تعليم، ملازمت ۽ ذاتي معاملا هلائي سگهن.
شرجيل ميمڻ چيو ته بسن ۾ سيڪيورٽي، ٽريڪنگ سسٽم ۽ تربيت يافتا عملي جي سهولت موجود هوندي، مستقبل ۾ ان سروس کي ٻين علائقن تائين وڌائڻ جو به منصوبو آهي.
You might also like